فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجهو گذريل رات دير سان ڳوٺ  مٿين اکڪڍائي جي رھواسي خادم چانڊيو کان مبينا طور 3 ھٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مزاحمت تي ھڪ کي سوگھو  ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد فريدآباد پوليس ڳوٺاڻي خادم چانڊيو جي فرياد تي پڪڙي پوليس حوالي ڪيل جوابدار محبوب عرف محب تنيو۽ نثار تيوڻو سميت 3 ڄڻن مٿان گناهه نمبر 33 /2022 تحت ڦر ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.