فريدآباد (ن پ ا) فريد آباد واسي پورهيت مبينا طور کنڀي گم ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾  ڳوٺ شيرو ڏيپر واسي پورهيت شبير سوڍر پريس ڪلب فريدآباد پھچي احتجاج ڪندي دانھيو  ته 3 ڏينهن اڳ نامعلوم سول ڊريس ۾ ملوث پوليس اهلڪارن منهنجي پورھيت ڀاءُ خادم حسين سوڍر کي بيگناھ کنڀي کڻي ڪار ۾ وجهي گم ڪري ڇڏيو آهي ھن چيو ته فريدآباد، ميھڙ،قاضي عارف ٿاڻن سميت ميهڙ تعلقي جي ڪابه پوليس ڀاءُ جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي ڀاءُ جي گم ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪري ٿي.ھن وڌيڪ چيو ته  اسان پورھيت آھيون پورهيو ڪري پيٽ پاليون ٿا اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني يا ڪا اڻبڻت ناهي ان باوجود ڀاءُ کي گهور ڪرڻ واري موٽرسائيڪل سميت کڻي گم ڪيو آهي ھن ايس ايس پي دادو آء جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدارا  بيگناھ کنڀي گم ڪيل ڀاءُ جو نوٽيس وٺي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.