فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي مان 12 مھينن کان کنڀيل نوجوانن رياض خاصخيلي، ظفر چانڊيو جا وارث حاجي خان خاصخيلي، مير نواب، احمد خان، فقير نثار سنڌ يار،ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو، ۽ ٻين پنهنجن پيارن جو تصويرون کڻي عيد ويجهو ايندي پنهنجي پيارن جي آزاد ٿي گهر پھچڻ جون آسون اميدون رکي ويٺا آهن. هنن بيگناهه کنڀي گم ڪيل پنهنجي پيارن جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه 135 ھين ڏينهن به سخت گرميءَ ۾ وارثن احتجاج جاري رکيو.