فريدآباد(ن پ ا) ڳوٺ سيدپور واسڻ ليڊي ھيلٿ ورڪر نصرت چانڊيو گردن جي بيماري سبب ڏيڍ سال کان گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي گهر ۾ بيماري جي بستري تي پيل آهي. ان ڌس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ سيدپور واسڻ ليڊي هيلٿ ورڪر نصرت چانڊيو گردن جي بيماري سبب ڏيڍ سال کان گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي گهر ۾ بيماري جي بستري تي پيل آهي، نصرت چانڊيو چيو ته گهر وارو مزدوري ڪرڻ دوران ٿريشر ۾ اچڻ ڪري ٻانهن کان معذور آهي، ڏيڍ سال کان بيماري جو علاج ڪرائيندي گهر جو الھه تلهه وڪڻي ڇڏيو آهي. 3 نياڻيون 2پٽن جو اولاد آهي. ھاڻ اعلاج ڪرڻ جي ڪابه وصيت نه رھي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته اعلاج جي سهولت ۽ وصيت نه ھئڻ سبب پنهنجي ئي گهر ۾ بيماري جي بستري تي زندگيءَ ۽ موت جي جنگ لڙي رھي آھيان. ھن وس وارن ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي زندگيءَ بچائڻ واسطي منهنجي مدد ڪئي وڃي ته جئين پنهنجو علاج ڪرائي ٻچڙن سان خوش ٿي زندگي گذاري سگهان.