فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد جي وارڊ نمبر 2 مان چونڊيل جي ڊي اي جي ڪائونسلر امين بروهي پيور بلاڪ اسڪيم ۾ ناقص ميٽريل استعمال ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته ٺيڪيدار زاھد شاهه، واجد شاهه ۽ ٻين شھر ۾ 6ڪروڙ رپين لاڳت سان پيور بلاڪ جي ڪم ۾ ناقص مٽياريل استعمال ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن، ھن وڌيڪ چيو ته پ پ مخالف شھرين ۽ دڪاندارن جي دڪانن آڏو مين روڊ کي ڇڏي ڪري  پيور بلاڪ حڪمران ڌر سان لاڳاپيڪ وائيس چيئرمين سڪندر ڏيرو ۽ ٻين ماڻهن جي دڪانن ۽ گهرن اڳيان ڪيو پيو وڃي، ھن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته فريدآباد پيور بلاڪ واري ڪم ۾  ناقص مٽيريل استعمال جو نوٽيس وٺي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري لائسنس رد ڪري اسڪيم جو ڪم بھتر ڪيو وڃي .