فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ۾ 3 ڏينهن اڳ نانگ ڪکيل نينگر علاج دوران لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، ڳوٺ ھيٺين اکڪڍائي جو رهواسي 13 ورھين جو ظھير احمد ولد نظير احمد خاصخيلي  کي 3 ڏينهن اڳ نانگ ڪکي وڌو ھو، وارثن کيس لاڙڪاڻي  اسپتال داخل ڪرايو ھو جتي هن علاج دوران دم ڏنو، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.