فريدآباد (ن پ ا) 2 ڏينهن اڳ فريدآباد ويجهو ڳوٺ حمزو چانڊيو ۾ بااثر جي مبينا زيادتين خلاف رھواسين عاشق، ذوالفقار، افسانه، شمشاد ۽ ٻين جي ڪيل احتجاج جي پنهنجي اخبار ۾ لڳل خبر جو ڊي ايس پي ميهڙ وحيد بيگ لاڙڪ نوٽيس وٺندي چيو ته ايس ايس پي دادو جي حڪم تي واقعي جي جاچ ڪريون پيا، متاثرن جي ھر صورت ۾ قانوني مدد ڪئي ويندي، غير قانوني قدم کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين. ٻي طرف متاثرڌر سان وابسته نينگري افسانه چانڊيو پنهنجي فيملي مٿان ٿيندڙ ظلم زيادتين بابت ورتل نوٽيس بابت شڪريو ادا ڪندي چيو ته  پوليس آفيسرن اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ سميت اسان جي زمينن تان قبضو ختم ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.