فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد واسڻ پيرسن عورت زليخان چنو پنھنجي گونگي پٽ عبدالرسول چنو سان گڏجي پريس ڪلب فريدآباد پهچي سي آءِ اي پوليس ۽ ايس ايچ او فريدآباد خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته سي آءِ اي پوليس انچارج نياز چانڊيو ۽ ايس ايچ او فريدآباد منور چانڊيو بيگناھه پٽ عبدالخالق ۽ ڀاڻج اشرف چنو کي فريدآباد مان گهران کڻي گم ڪري پٽ ۽ ڀاڻج مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ظلم ڪيو آهي، ھن چيو ته پوليس پٽ ۽ ڀاڻج کي آزاد ڪرڻ لاءِ 50 ھزار گهريا مسڪين پورھيت ھئڻ ڪري پئسا نه ڏيڻ تان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ھن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدر آباد ايس ايس پي دادو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پٽ ۽ ڀاڻج  مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس جي شفاف انڪوائري ڪرائي پٽ ۽ ڀاڻج کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي،ٻئي طرف فريدآباد پوليس جي اي ايس آءِ ھوت خان جانوري جي فرياد تي عبدالخالق چنو ۽ اشرف چنو خلاف، 520 ۽ 530 گرام  چرس ھٿ ڪري ٻنهي خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.