فريدآباد (ن پ ا) ٽي اي او ھائير سيڪنڊري فيميل ميهڙ ارشاد سولنگي گرلز ھاءِ اسڪول فريدآباد جو دورو ڪيو، ٽي اي او صحافين کي ٻڌايو ته اسڪول ۾ مقرر 10مان 2 ٽيچرز حاضر، 2 موڪل تي،   ھيڊ مسٽريس سميت 6 ٽيچرز،2 ڪلارڪ ۽ ھڪ چوڪيدار غير حاضر آھن، جن ۾  آپا عنايت چانڊيو، شاھين لغاري، عظميٰ عباسي، صنم بخت، ڪلارڪ غلام اڪبر، علي اصغر، پرويز پنھور ۽ ٻيا شامل آهن. ھن چيو ته ھيدمسٽريس آپا عنايت چانڊيو خود مختيار آهي، جيڪا ڪنهن آفيسر کي موجود ئي نه ٿي سمجهي، ھيڊ مسٽريس پاڻ ڊيوٽي نه ڪرڻ سميت اسڪول جي غير حاضر عملي کي ويزا تي ڇڏي ڏنو آهي.ھن انڪشاف ڪيو ته غير حاضر استادن جا موبائل اسڪول ۾ موجود آهن، ٻيا استاد ايپ لڳائي انھن جي ايپ سسٽم ۾ حاضري لڳائن ٿا. ھن اختيارين کان مامري جي جاچ جي گهر ڪندي چيو ته اسڪول مان غير حاضر رهندڙ عملي خلاف سيڪريٽري، ڊائريڪٽر، ڊي اي او ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ٻي طرف ھيڊمسٽريس آپا عنايت چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻن عزيزن جي فوتگي ٿي ويئي آهي، جنهن سبب موڪل تي آهيان .ھن چيو ته اڳ ۾ به مڙس جي بيماري سبب 15 ڏينهن جي موڪل لاءِ  ٽي اي او کي درخواست ڏني ھئي ان تي ھن ڪابه موٽ نه ڏني ۽ ھاڻ مون مٿان استادن کي ويزا تي ڇڏڻ جو الزام لڳائي رھيو آھي جنھن ۾ ڪابه صداقت ناهي.