فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ويجھو لاڳيتو ٻئي ڏينهن دکايل سگريٽ اڇلڻ سبب باهه جو واقعو پيش آيو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ سيدپور واسي پورهيت تاج محمد چانڊيو احتجاج ڪندي دانھيو ته نامعلوم شرپسند ماڻهو رستي ويندي ٻرندڙ سگريٽ اسان جي ٻني تي پيل بھ جي کري ۾ اڇلي باھ ڏني، باھ سبب 5 جريبن جو بھ ۽ پاسي ۾ پيل 5 جريبن جي ڪڻڪ جي ٻارسميت ٻني تي پيل پلال جو کرو به سڙي رک ٿي ويو آهي ھن وزير اعلي سيد مراد علي شاهه، ڊي سي دادو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واھر ڪئي وڃي