فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ويجھو ڳوٺ عاليوال ۾ چانڊيا برادري جي ٻن سئوٽن مور چانڊيو ۽ خادم چانڊيو وچ ۾ شادي جي ڪاڄ دوران اڻبڻت تان جيهڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڳولي لڳڻ سبب 4 مھينن جو معصوم ٻارڙو مالڪ پٽ مور چانڊيو گولي لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن مقتول معصوم ٻارڙي جي ماءُ زينب خاتون چانڊيو زخمي ٿي پئي ٻي پاسي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي، وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي جڏهن اطلاع تي جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ فريدآباد پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش کڻي تعلقه اسپتال ميھڙ پهچايو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.