فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجھو ڳوٺ ڳاڙهي ۾ ھيلر مشين اٽي واري چڪي مان پلي نڪري ھلير مشين ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت محمد علي ٻٻر کي لڳڻ سبب پورهيت مرڻينگ ٿي پيو، جنهن کي وارث علاج لاءِ لاڙڪاڻو نيو پئي ويا ته زخمي پورھيت اسپتال پھچڻ کان اڳ رستي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، پورھيت جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي، ياد رهي ته  فوتي پورھيت 45 ورھين جو محمد علي ٻٻر گذريل 20 سالن کان اٽي جي چڪي واري مشين تي ڪم ڪندڙ ھو، جيڪو حادثي سبب فوت ٿي ويو آهي.