فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد جي ڌاڙي متاثرن، شھرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن بھادر تيوڻو، ايڊووڪيٽ مختيار کوسو ، فدا حسين چنه، ڊاڪٽر ديدار عباسي، لطيف بروهي، اسحاق چانڊيو، علي گوهر چنه، بھادر تيوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌاڙي ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿيڻ خلاف 11 ھين ڏينهن به شھر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاھرين چيو ته ڏوهاري سرعام شھرين ڪاروباري ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڦريو لٽيو آساني سان ھليا وڃن ٿا پر مجال آهي جو اسان جي جان مال ملڪيت جي حفاظت ۽ تحفظ لاءِ مقرر فريدآباد پوليس ڪوبه قدم کڻي. ڊاڪٽر ديدار عباسي جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي صحافي لطيف بروهي ۽ ٻين کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪرڻ واري واقعي ۾ ھينئر تائين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر ديدار عباسي جي گهر لڳل ڌاڙي صحافي لطيف بروهي ۽ ٻين کي يرغمال بڻائي ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون، روڪ رقم موبائل فونون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾  وڌنڌڙ بدامني ختم ڪئي وڃي.