نيويارڪ (دلچسپ نيوز) دنيا ۾ آلو سڀ کان وڌيڪ کائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سبزي مڃي ويندي آهي ۽ ان آلو مان ٺهندڙ فرنچ فرائز کي به ماڻهو تمام گهڻي چاهت سان پسند ڪندا آهن. ان کان علاوه آلو کي هڪ سستي سبزي سمجهيو ويندو آهي ۽ ان ڪري اڪٿر فرنچ فرائز به گهٽ قيمت ۾ شهرين کي ميسر ٿيندي آهي پر اڄ اسان اهڙي فرنچ فرائز بابت ٻڌائڻ پيا وڃن جنهن دنيا جي سڀ کان مهانگي ترين فرنچ فرائز جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. آمرڪي شهر نيويارڪ جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ دنيا جي مهانگي ترين فرنچ فرائز وڪرو ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي جنهن جي قيمت سئو ٻه سئو رپيا نه بلڪ پوري 200 آمريڪي ڊالرز يعني پاڪستاني 36 هزار رپين کان به وڌيڪ آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام تي Serendipity ريسٽورنٽ طرفان تيار ڪئي ويندڙ فرائز جي وڊيو شيئر ڪئي. وڊيو  ۾ بورچي کي مختلف شئين کي فرائز جي ترڪيب ۾ شامل ڪندي ڏٺو ويو.  جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته اهي شيون پوري دنيا مان گهرايون ويون آهن.