اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مدرسن جي رجسٽريشن بابت سوسائٽي رجسٽريشن بِل تي صدر آصف زرداري جا اعتراض سامهون اچي ويا، ذريعن موجب صدر بِل تي 8 اعتراض واريا آهن، صدر اعتراض واريو آهي ته سوسائٽي ايڪٽ تحت مدرسا رجسٽر ٿيندا ته اَيف اَي ٽِي ايف ۽ جي ايس پي سوڌو ٻيون پابنديون لڳڻ جو خدشو آهي، ايڪٽ ذريعي مدرسن جي رجسٽريشن شروع ٿي ته قانون جي پڪڙ گهٽجي ويندي، سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ديني مدرسا نه، فائن آرٽ شامل آهي، اُن ۾ ڊانس ڪلاس ۽ آرٽ ڪلاسز شامل آهن، سوسائٽي رجسٽريشن ۾ ديني تعليم ۽ فائن آرٽ کي رکيو ته اُن سان مختلف نقطه نظر رکندڙن ۾ تڪرار ٿيندو، صدر پاران چيو ويو ته بِل منظور ٿيڻ سان عالمي سطح تي پابنديون لڳڻ جو خدشو آهي، هن قانون تحت مدرسن جي رجسٽريشن سان فرقيواريت پکڙجڻ جو خدشو آهي، هڪ ئي سوسائٽي ۾ گهڻا مدرسا ٺهڻ سان امن امان خراب ٿيڻ جو به خدشو آهي، صدر تجويز ڏني آهي ته مدرسن بابت بِل ٺاهڻ لاءِ عالمي سطح جي معاملن کي نظر ۾ رکيو وڃي، اسپيڪر اياز صادق بل تي صدر جي اعتراضن جا تفصيل جي يو آءِ کي ڏئي ڇڏيا، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب صدر جي اعتراضن بعد حڪومت وچون رستو ڪڍڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، وزير قانون اعظم نذير تارڙ ۽ جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ ۾ ملاقات ٿي، بل گڏيل پارليامينٽ ۾ آڻڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان 17 ڊسمبر کانپوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ سان ملاقات ڪري کيس مولانا فضل الرحمان جو پيغام پهچايو.