لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي سينئر اداڪار فردوس جمال هڪ ڀيرو ٻيهر زال کان طلاق ۽ خلع جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تازي انٽرويو دوران جڏهن کانئس انهن جي عليحدگي جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته اهو جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته سندس گهر وارن ۽ ٻارن سان تعلق سدائين قائم رهندو، فردوس جمال انٽرويو ۾ چيو ته مون پنهنجي خاندان کي ناهي ڇڏيو، رت جا رشتا ڪاغذ جو ٽڪڙو ناهن هوندا جو ڪوئي اچي ڦاڙي ڇڏي، سندس چوڻ هيو ته سندس ٻارن ۽ زال سان لاڳاپا مضبوط آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه شڪايتون موجود آهن، پر اهي ڪنهن به تعلق جو حصو آهن، سينئر اداڪار وڌيڪ چيو ته منهنجي زال منهنجي زندگي ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ٻارن جي شاندار تربيت ڪئي آهي، مون کي خلع يا عليحدگي جي باري ۾ ڪو علم ناهي، جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيڻو هجي ها ته ڪافي وقت اڳ ٿي چڪو هجي ها، ياد رهي ته گذريل مهيني فردوس جمال جي پٽ حمزه فردوس هڪ وڊيو بيان ۾ پنهنجي ماءُ جي خلع وٺڻ جي تصديق ڪئي هئي، جڏهن ته فردوس جمال انهن خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته چار ٻارن جي موجودگي ۾ طلاق جهڙيون ڇڇوريون حرڪتون ڪرڻ منهنجي شايان شان ناهي.