حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار موڪلون ختم ڪري گذريل ڏينهن جيئن ئي پنهنجي آفيس پهتو ته سمورن ڊي ايس پيز، ايس ايچ اوز ۽ پوليس آفيسرن وڏي انگ ۾ ايس ايس پي آفيس جي گيٽ ٻاهران سندس گاڏي مٿان گلن جي ڀرپور ورکا ڪئي ۽ سندس آفيس تائين مٿس گلن جي ورکا ڪندي کانئس ڪيڪ پڻ ڪٽرايو. ايس ايس پي حيدرآباد جي واپس اچڻ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن وارو تڪرار وري ڪر کنيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو ايس ايس پي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندا. ٻئي پاسي ذريعن موجب آفيس پهچڻ تي ايس ايس پي فرخ لنجار مختصر ڳالهه ٻول ڪندي قرآن جي آيت ”وتعز من تشاء وتذل من تشاء پڙهي.