اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي فرحت الله بابر کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب لاءِ جون جي آخري هفتي تائين مهلت ڏئي ڇڏي. جسٽس انعام امين منهاس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. فرحت الله بابر وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي ذريعي آئين جي آرٽيڪل 199 تحت درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ گهرو وزارت، ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته فرحت الله بابر کي بار بار غيرقانوني نوٽيس ۽ سمن جاري ڪيا پيا وڃن. ايف آءِ اي پاران جاچ 25 مارچ تي هڪ اهڙي شهري جي شڪايت تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي درخواستگذار سڃاڻيندو ئي ناهي. ان شهري درخواستگذار جي خلاف مشڪوڪ بدعنواني، ٽيڪس چوري ۽ ناجائز اثاثا حاصل ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. فرحت الله بابر 28 مارچ تي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيو، پر کيس شڪايت جي ڪا ڪاپي نه ڏني وئي. 11 ۽ 12 اپريل تي کيس واٽس ايپ ذريعي 12 سوالن تي ٻڌل هڪ تفصيلي سوالنامو موڪليو ويو، ۽ چيو ويو ته جواب 7 اپريل 2025ع تائين جمع ڪرايا وڃن. عدالت ايف آءِ اي کي فرحت الله بابر کي هراسان ڪرڻ کان روڪيندي ٻڌڻي جون جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.