لاهور(شوبز نيوز) اداڪاره عروه حسين ۽ گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد آخرڪار ماضي ۾ ڦهليل عليحدگي جي افواهن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، هڪ تازي انٽرويو ۾ فرحان سيد چيو ته سندن شادي ۾ هڪ ڏکيو وقت آيو، جڏهن سندن رشتو هڪ تڪليف ده دور مان گذري رهيو هو، جڏهن ته ٻنهي خاندانن انهن جو ساٿ ڏنو، رهنمائي ڪئي ۽ سندن مدد ڪئي، فرحان سعيد جو چوڻ هو ته رشتي ۾ احترام ۽ عزت جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي ۽ اها ئي شئي هئي، جنهن سبب انهن جو رشتو قائم رهيو، اداڪار جو چوڻ هو ته ڀل شادي ۾ جيترا به مسئلا آيا پر اسان ڪڏهن عوامي سطح تي هڪ ٻئي خلاف ڪجهه نه چيو، فرحان سعيد جو چوڻ هو ته هر رشتي ۾ لاها چاڙها ايندا آهن پر اسان هڪ ٻئي کي وقت ڏنو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سڀ ڪجهه وساري گڏجي وياسين، فرحان ۽ عرواه مداحن کي به اهو مشورو ڏنو ته پنهنجي شريڪ حيات جي عزت ڪريو ۽ پنهنجو معاملو پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪريو، ڪنهن جي سامهون پنهنجي ساٿي جي برائي ڪرڻ کان پاسو ڪريو، ڇو ته پرپٺ ڳالهائڻ ڪنهن به رشتي کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو، ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ عروه حسين ۽ فرحان سعيد جي عليحدگي جا افواهه ميڊيا تي گردش ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ٻئي ٻيهر گڏ نظر آيا ۽ انهن وٽ پهرين ٻار جي پيدائش بعد اهي افواهه دم ٽوڙي ويا.