پيرس (م ڊ) فرانس غزا لاءِ عالمي انساني ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته فرانس 9 نومبر تي غزا ۾ شهري آبادي لاءِ هڪ عالمي انساني ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون به غزا لاءِ عالمي انساني ڪانفرنس جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها ڪانفرنس سربراهه ملڪن، حڪومت ۽ پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ٿيندي جنهن ۾ روس کي ڇڏي علائقائي اسٽيڪ هولڊرز مصر، اردن، نار ۽ عرب ملڪن سان گڏوگڏ اولهه، يورپي طاقتون ۽ جي 20 ميمبرن کي به دعوت ڏني ويندي.سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن ۽ عرب ليگ سوڌو عالمي ادارا ۽ غزا ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمون به شرڪت ڪنديون. رپورٽس موجب ڪانفرنس ۾ فلسطين جي انتظاميا به شريڪ ٿيندي جڏهن ته اسرائيل کي دعوت نه ڏني ويندي.