پيرس (م ڊ) فرانس جو صدر ايمانوئل ميڪرون اڄ اسرائيل پهچندو، جتي هو اسرائيلي وزراعظم نيتن ياهو سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب 7 آڪٽوبر تي حماس جي اسرائيل تي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ 30 فرانسيسي شهري به شامل آهن، جڏهن ته هڪ عورت سميت 7 فراسيسي شهرين کي يرغمال به ڪيو ويو هو، جيڪي اڃا تائين لاپتا آهن. ان کانپوءِ شروع ٿيندڙ حماس ۽ اسرائيل جون چڪريون اڃا تائينجاري آهن. اڱاري تي فرانس جي صدر جي تل ابيب ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات ٿيندي.