فرانسيسي صدر کي پرڏيهي دوري دوران زال چماٽ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل

0
27
فرانسيسي صدر کي پرڏيهي دوري دوران زال چماٽ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل
فرانسيسي صدر کي پرڏيهي دوري دوران زال چماٽ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل

هنوئي/پيرس(م ڊ) فرانسيسي صدر ايمانول ميڪرون کي سندس زال پرڏيهي دوري دوران چماٽ وهائي ڪڍي، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب فرانسيسي صدر ويتنام ۾ جهاز تان لهي رهيو هو ته کيس زال چماٽ وهائي ڪڍي جيڪا ڪيمرا ۾ رڪارڊ ٿي وئي، فرانسيسي اختيارين پهريان واقعي جي ترديد ڪئي پر بعد ۾ مذاق ۾ ڪيل حرڪت قرار ڏنو، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز مان لهڻ وقت به ميڪرون پنهنجي زال ڏانهن ٻانهن ڊگهيري پر هوءَ اتي سندس هٿ پڪڙڻ کان به انڪار ڪري ٿي. رپورٽ موجب، فرانسيسي اختيارين شروعاتي طور تي واقعي جي ترديد ڪئي وئي هئي پر بعد ان کي مذاق ۾ ڪيل حرڪت قرار ڏنو، صدر ميڪرون پيش آيل واقعي بابت چيو ته ڪو مسئلو ناهي منهنجي زال مذاق ڪيو هو جهيڙو هڪ معمولي واقعو هو.