لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي بيٽر فخر زمان پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ 100 ڇڪا هڻندڙ پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي. فخر زمان جا پي ايس ايل ۾ 100 ڇڪا مڪمل ٿي ويا آهن. پي ايس ايل ۾ ڪامران اڪمل 89 ڇڪن سان ٻئي، آصف علي 88 ڇڪن سان ٽئين ۽ شين واٽس 81 ڇڪن سان چوٿين نمبر تي موجود آهن.