لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر فخر زمان رٽائرمينٽ، ڪرڪيٽ تان وقفو وٺڻ ۽ ٻئي ملڪ منتقل ٿيڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل انٽرويوءَ ۾ فخر زمان واضح ڪيو ته سندس رٽائرمينٽ بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي ۽ هو جلد مڪمل فٽ ٿي ٽيم جو حصو بڻجندو. هن ٻڌايو ته ٿائيرائڊ جي مسئلي سبب ڪرڪيٽ تان وقفو وٺڻ جو سوچي رهيو هو، پر هاڻ انجري ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڊاڪٽرن ٽن هفتن کانپوءِ ٽريننگ شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. فخر زمان موجب، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ خاص تياري ڪئي هئي، انجري باوجود ٽريننگ جاري رکي، پر ٻيهر تڪليف وڌڻ سبب اندازو ٿي ويو ته هاڻ هن لاءِ چيمپيئنز ٽرافي ختم ٿي وئي آهي. ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ئي ميچ ۾ انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيندڙ فخر زمان بابت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي رٽائرمينٽ جا افواهه گردش ڪري رهيا هئا.