لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز لاهور قلندرز جي بيٽر فخر زمان چيو آهي ته موجوده موسم پي ايس ايل لاءِ مناسب آهي، جڏهن ته ماڻهو بيجا طور تي گرميءَ جي شڪايت ڪري رهيا آهن، جيڪو سندس خيال ۾ رڳو هڪ معذرت آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته اسان ٽي ميچون کٽيون آهن ۽ ٽي هارايون آهن، جنهن نموني سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، مان ان مان مطمئن آهيان. ٽيم گڏجي کيڏي رهي آهي ۽ مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پچن بابت ڪيترائي سوال سامهون آيا آهن، پر مان سمجهان ٿو ته پچن ۾ بالرن لاءِ به موقعو هئڻ گهرجي. باوجود ان جي ته حالتون ڪجهه ڏکيون آهن، 170 کان مٿي رنسون ٺهي رهيون آهن. فخر زمان چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڊوميسٽڪ (علائقائي) سطح تي به گرين پچز هئڻ گهرجن، جيئن بالرن کي فائدو ملي. جيڪي پچون هاڻ تيار ٿي رهيون آهن، انهن جو فائدو مستقبل ۾ ضرور ٿيندو، هڪ ئي هنڌ تي بار بار ميچون کيڏڻ سان ڪنڊيشن کي بهتر نموني سمجهي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته رشاد حسين باصلاحيت رانديگر آهي ۽ سندس مستقبل روشن نظر اچي ٿو، عامر سٺو بالر آهي، جيڪو حالتن کي ڏسي بالنگ ڪرڻ ڄاڻي ٿو، پر رڳو هڪ رانديگر سان ٽيم نه ٺهي ٿي، ٽيم کي گڏجي کيڏڻو پوندو آهي.