اسلام آباد (م ڊ) فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير فخر امام وزارت تان استعيفا ۽ نواز ليگ ۾ شموليت وارن افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي، فخر امام ٽوئيٽ ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي حوالي سان نواز ليگ ۾ شموليت ۽ وزارت تان استعيفا جون هلندڙ خبرون من گهڙت ۽ بي بنياد آهن.