ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سُندري شلپا شيٽي جو مڙس ۽ مشهور ڪاروباري شخصيت راج ڪُندرا هڪ ٻئي تڪرار جي ور چڙهي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ (اي ڊي) راج ڪندرا جي گهر ۽ آفيس سميت مختلف جاين تي ڇاپا هنيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب، اي ڊي طرفان اِها ڪارروائي مني لانڊرنگ جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪئي وئي، جيڪا مبينا طور فحش فلمن ۽ مواد جي تياري ۽ موبائيل ايپليڪيشنز جي ذريعي ان جي ورڇ بابت آهي. اي ڊي اختيارين موجب، ان معاملي ۾ راج ڪندرا جي ڪجهه ساٿين جي ٺڪاڻن جي به تلاشي ورتي پئي وڃي جڏهن ته جاچ جو مقصد غير قانوني ڪاروبار ۾ شامل ماڻهن ۽ فنڊن جي ذريعن جو پتو لڳائڻ آهي. ياد رهي ته شلپا شيٽي کي مڙس راج ڪندرا پهريان به فحش فلمي مواد جي تياري ۽ ورڇ جي الزامن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، جنهن کي بعد ۾ عدالت ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.