لنڊن(م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جن ماڻهن 9 مئي جا واقعا ڪيا اهي انهي جي قيمت ادا ڪري رهيا آهن، حڪومت اصولن تي سمجهوتو نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪنهن کي قانوني عمل جي ذريعي سزا ملي ٿي ته اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته 9 مئي واقعن جي شاهدين جي آڌار تي سزائن جو عمل جاري آهي حڪومت اصولن تي سمجهوتو نه ڪندي. اسحاق ڊار چيو ته اسان جي دين ۾ آهي ته فتني سان ڪابه ڊيل نٿي ٿي سگهي، هنن کي ڳالهين لاءِ سرينڊر ڪرڻو پوندو، نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير چيو ته ڪنهن کي سياست ڪرڻي آهي ته پاڪستان اچي سياست ڪري، لکين ڊالر ڏئي پاڪستاني ادارن کي بدنام ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. انهي کان علاوه هن چيو ته جلد افغانستان جو دورو ڪندس جڏهن ته ايراني حڪومت پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، سفير ۽ پرڏيهي وزارت جي ذريعي ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهيان. اسحاق ڊار وڏيڪ چيو ته پاڪساني معيشت ترقي طرف گامزن آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ اچي چڪي آهي، حڪومت بسنت جو تهوار ملهائڻ تي نظر ثاني ڪري رهي آهي، حفاظتي قدمن سان بسنت کي ملهائڻ گهرجي.