لنڊن(اسپورٽس نيوز)53 سالن جي شخص پريميئر ليگ ۾ ليورپول جي فتح جو جشن ملهائيندڙ ماڻهن تي ڪار چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 47 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب، اهو واقعو ليورپول شهر جي واٽر اسٽريٽ تي پيش آيو، جتي هزارين ماڻهو پنهنجي ٽيم جي فتح جو جشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، جڏهن 53 سالن جي شخص پنهنجي فورڊ گليڪسي کي رش ۾ ماڻهن جي مٿان چاڙهي ڇڏيو.واقعي ۾ 47 ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ 4 ٻار به شامل آهن.پوليس فوري ڪارروائي ڪئي ۽ واقعي واري هنڌ تان هڪ 53 سالن جي گوري برطانوي شهري کي گرفتار ڪيو.ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ليورپول فٽبال ڪلب جي متاثرن سان همدردري جو اظهار ڪيو، ۽ واقعي کي “خوفناڪ” قرار ڏنو.