قاهره (م ڊ) مصري صدر عبدالفتاح السيسي هڪ ڀيرو وري ملڪ جو صدر چونڊجي ويو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب مصري اليڪشن اٿارٽي صدارتي چونڊ 2024ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن اٿارٽي جي اعلان موجب صدر عبدالفتاح السيسي ٻيهر صدر ٿي ويو آهي. فتاح السيسي 89.6 سيڪڙو ووٽ کنيا، ووٽنگ جي شرح 66.8 سيڪڙو رهي. اليڪشن اٿارٽي موجب صدارتي چونڊن ۾ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن ووٽ وڌو، 4 ڪروڙ 47 لک کان وڌيڪ ووٽ صحيح قرار ڏنا ويا. السيسي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ جي واضح سرسي حاصل ڪئي.