اسلام آباد(م ڊ) ”فال آف ڍاڪا پارٽ 2“ آهي، ٽُوئيٽر تي پاڪستاني صارفين مختلف تبصرا ڪيا. هر ماڻهو مختلف ڳالهيون ڪيون. معيز لکي ٿو ته گوليون سيني کي پروڻ نه ڪري سگهيون، طاقت عوام کي ڪُچلي نه سگهي، نوجوانن جي دلين ۾ آزادي جي باهه انقلاب جي نئين شمع ٻاري ڇڏي، هڪ صارف چوي ٿو ته آخرڪار پاڪستاني سپورٽر کٽي ويا، هندستاني نواز حسينه واجد هارائي وئي، مبارڪ هجي بنگلاديشين کي، ثنا مير چوي ٿي ته انشاءَ الله اهڙا لمحا هاڻي پاڪستان ۾ به شروع ٿيندا. صحافي اسد طور طرفان بنگلاديشي عوام جي ڪاميابي تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. مزاحمت خلاف بنگلاديش تاريخ رقم ڪري ڇڏي، صحافي علينه شگري چوي ٿي ته بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جو عوام مجسمو ٽوڙيو آهي. وقار خان لکي ٿو ته بنگلاديش جو ظلي شاهه پنهنجي جان ڏئي قوم کي جاڳائي ويو. محمد سعد چوي ٿو ته بهادر شاگردن حسينه واجد جي ڊڪٽيٽرشپ جو خاتمو ڪيو، گڏوگڏ هندستاني پراڪسي کي به ختم ڪري ڇڏيو. هڪ صارف مشهور اداڪار مرحوم معين اختر جي پروگرام جي تصوير شيئر جنهن ۾ لکيو ته اسان ته کٽي ويا سين توهان پنهنجو ٻڌايو جنهن تي صارف تبصرو ڪيو ته توهان کٽي ويا.