وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ جوڙٽوڙ ۽ رابطا تيز، چوڌري شجاعت جي رهائش گاهه تي سياسي سرگرميون

0
42
وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ
وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ

وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ جوڙٽوڙ ۽ رابطا تيز، ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي رهائش گاهه تي سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون

نواز ليگ سربراهه نواز شريف طرفان چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات جو امڪان آهي،منجهند 2 وڳي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿيندي، نواز شريف چوڌري شجاعت حسين جي رهائش گاهه تي ايندو

نواز شريف چوڌري شجاعت حسين کي وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ سهڪار جي درخواست ڪندو، ايم ڪيو ايم جي 4 رڪني وفد نواز شريف سان ملاقات ڪئي جاتي امراءَ ۾ ملاقات دوران حڪومت سازي تي مشاورت ڪئي وئي

ايم ڪيو ايم جي وفد ن ليگ صيادت آڏو شرط رکي ڇڏيا، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ اڄ شام ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ حڪومت سازي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي