خيرپور (رپورٽر) راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس وارو معاملو ٻُڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي، خبر موجب راڻيپور ۾ پيراڻي حويليءَ ۾ مبينا تشدد سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو ڪيس جا مک جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت آڏو آيا، فريادي ڌُر پاران ڪيس اي ٽي سي خيرپور کان سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ڏانهن منتقل ڪرڻ واري داخل ڪرايل درخواست جو فيصلو نه اچڻ سبب ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس سان لاڳاپيل سڀني عملدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.