سکر (بيورو رپورٽ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد سبب نينگري  فاطمه ڦرڙو جي موت وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جوابدار فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾  راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي اندر تشدد سبب فوت ٿي ويل نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پير فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڪيس جو جاچ آفيسر، جوابدار، فريادري توڙي سرڪار ڌر جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت دليل مڪمل ڪرڻ بعد ڪيس جو فيصلو ڪري ورتو. ڪجهه دير بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جوابدار پير فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.