خيرپور(رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) فاطمه ڦرڙو ڪيس ٺاهه جوڳو ناهي، خيرپور جي عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ مبينا قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي ٻڌڻي خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينا منگي جي عدالت ۾ ٿي، فريادي ڌر جو وڪيل جمشيد ڏهراج ۽ جوابدار ڌر جو وڪيل علي مرتضيٰ شاهه عدالت آڏو پيش، عدالت ٺاهه جا جمع ڪرايل قسم ناما پڻ رد ڪندي چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ٺاھه جوڳو ناهي، عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري چئني جوابدارن اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي 17 فيبروري تي سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ان موقعي تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ٺاهه جوڳو ناهي، تنهنڪري ضمانت جي درخواست رد ڪجي ٿي ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيس هلايو ويندو.