خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ مبينا تشدد بعد قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻُڌڻي خيرپور جي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪيس جا مُک جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيا، ٻُڌڻي دوران عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻُڌڻ بعد ڪيس کي ٻيھر سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، اي ٽي سي طرفان ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ بعد ڪيس جي ايندڙ ٻُڌڻي 13 جنوري تي سيشن ڪورٽ ۾ ٿيندي، ٻئي پاسي عدالت ٻاهران ڪيس جي فريادي ۽ مقتول نينگري جي والد صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن عمل مان اسين مطمئن ناهيون، اسين چاهيون ٿا ته اسان جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي، اهڙي درخواست پڻ اسان هاءِ ڪورٽ ۾ ڏني آهي، ھن چيو ته پيرن جا ماڻهو توڙي بااثر اسان کي فون ڪري ٺاهه ڪرڻ تي زور ڀري رهيا آهن، پر اسين ٺاهه نه ڪنداسين، ھن چيو ته فاطمه ڦرڙو جي فوتگي دوران واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ڇوڪري کي پيرن گم ڪري ڇڏيو آهي، قتل کانپوءِ اها ڇوڪري غائب آهي، ان ڇوڪري کي ظاهر ڪيو وڃي ته جيئن واقعي جون حقيقتون سامهون اچي سگهن.