خيرپور (رپورٽر) راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ تشدد سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ پوليس ڪراچي ۽ راڻيپور ۾ وڌيڪ ڪارروائيون ڪري ٽن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. راڻيپور جي حويلي جو سرچ آپريشن ڪيو ويو پر پير فياض شاهه ۽ حنا شاهه هٿ نه اچي سگهيا، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته پوليس ڪارروائي دوران پير فياض شاهه اوطاق تان  ٽن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وجي، هوڏانهن خيرپور پوليس ڪراچي پوليس سان گڏجي ڊفينس جي علائقي خيابان شمشير ۾ فياض شاهه جي ڀاءُ نياز شاهه جي گهر تي ڇاپو هنيو،  جنهن دوران حنا شاهه ۽ فياض شاهه هٿ نه آيا،  پوليس موجب جوابدارن گرفتاري جي خوف کان پنھنجا موبائل فون بند ڪري ڇڏيا آھن، اسان ٽيڪنيڪل سپورٽ جي مدد سان جاچ کي اڳتي وڌائي رھيا آھيون، جوابدار جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ هوندا.