خيرپور (رپورٽر) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد ڪري قتل ڪيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو واري ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، سينيئر وڪيل نئير عباس زيدي جي لاڏاڻي سبب عدالتي ڪارروائيون معطل ھئڻ سبب عدالت جي جج محبوب علي جواھري ٻڌڻي پنھنجي چيمبر ۾ ڪئي، ان موقعي تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج مٿان عدم اعتماد واري اظھار بعد جج فريادين کي ڪيس ھاءِ ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪرڻ جو چيو ۽ 10 ڏينھن اندر ڪيس منتقلي واري درخواست ڏيڻ جي ھدايت ڪئي، عدالت ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻيءَ کان اڳ جيڪڏهن فريادين ھاءِ ڪورٽ کي ڪيس منتقليءَ واري درخواست نه ڏني ته ڪيس ساڳي عدالت ۾ هلايو ويندو، ھوڏانھن عدالت ٻاهران مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جي والدين نديم ڦرڙو ۽ شبنم ڦرڙو صحافين سان ڳالهائيندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج مٿان عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هنن چيو ته پيرن جو ماڻهو پيرل شاهه ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر اسان ڪڏهن به ڪيس تان هٿ نه کڻنداسين ۽ نه وري جوابدارن کي معاف ڪنداسين، هنن چيو ته جوابدار فياض شاهه ڪيس جي شاهدن معرفت پڻ اسان کي ڌمڪيون ڏياري رهيو آهي، هنن چيو ته جوابدارن سان ٺاهه واريون خبرون توڙي افواهه غلط ۽ بي بنياد آهن، هنن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي چيو هو ته ڪيس ۾ غلط قلم لڳايا ويا آهن.