خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ مبينا تشدد سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي ۾ فريادين جو وڪيل جمشيد ڏهراج، جوابدار ڌر جو وڪيل علي مرتضيٰ شاهه ۽ ڪيس جي فريادڻ مسمات شبنم ڦرڙو ۽ سندس مڙس نديم ڦرڙو پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ٻنهي وڪيلن طرفان دليل پيش ڪيا ويا، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي عدالت ٻاهران مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جي والد نديم ڦرڙو صحافين کي ٻڌايو ته اسان جوابدارن سان ڪو به ٺاهه نه ڪيو آهي، باقي عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اهو اسان کي قبول هوندو ۽ ڪو به اعتراض نه هوندو.