فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس: دهشتگردي ٽوڙ عدالت 4 جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

0
36
فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق باوجود لمس آگاهه ڇو نه ڪيو؟ ڇرڪائيندڙ انڪشاف
فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق باوجود لمس آگاهه ڇو نه ڪيو؟ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

خيرپور (رپورٽر) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ٿي ويل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ آن لائن ٿي

ان موقعي تي ڪيس جي جوابدارن اسد شاھ، فياض شاه، حنا شاھ ۽ امتياز ميراثي کي آن لائن عدالت آڏو آندو ويو، عدالت ان موقعي تي ڪيس جي چئني جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪندي ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي وڪيل صفدر ڪناسرو ٻڌايو ته ٻڌڻي دوران عدالت جي جج طرفان جوابدارن کان آڏي پڇا ڪئي وئي ته هنن فاطمه ڦرڙو جي قتل وارو ڏوهه ڪيو آهي ته هنن پنهنجو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

جنهن تي عدالت طرفان جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري 12 آگسٽ کان روزانو جي بنياد تي ڪيس هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو.