راڻيپور (ن پ ا) فاطمه واقعي بابت دستگير هائوس تي پير سورج دستگير جي صدارت ۾ ڪٺ ڪوٺايو ويو،  ڪٺ ۾ فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاھ جي بي گناھ گرفتاري خلاف احتجاج به ڪيو ويو، ان ڏس ۾  دستگير هائوس راڻيپور تي مريدن، عقيدتمندن جو درگاھ جي گادي نشين پير  سورج دستگير جيلاني  جي صدارت ۾ ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پير سيد دلشاد شاھ، سرائي غلام رسول سيال، نبي بخش ڪلهوڙو، غلام مرتضيٰ سامٽيو، علي ڏنو گاڏھي، علي ڏنو منگي ، علي حسن ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سورج دستگير شاهه جيلاني ڳالھائيندي چيو ته سچ کي ڪير به روڪي نٿو سگھي، ھڪ  سوچيل سازش تحت درگاھن توڙي پيراڻي گادين ۽ سيد برادري لاءِ   نفرت وارو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، جنھن جي  مذمت ڪيون ٿا، سنڌ اندر درگاھن تي امن   پيار محبت جو درس ملندو رھيو آھي، راڻيپور ۾ معصوم نينگري فاطمه جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سمورن جوابداري جي گرفتاري ۽ قانون موجب سزا جو مطالبو ڪجي ٿو ،   درگاھن ڏانھن  نفرت پکيڙيندڙ  سازشن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ٻي طرف دستگير هائوس ٻاهران پير اسد شاھ جي بي گناھ گرفتاري خلاف مريدن عقيدتمندن علي حسن ملاح احتجاج ڪندي چيو ته  اسان کي  فاطمه جو ڏک آھي پر صاف شفاف جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي سزا ملڻ گهرجي، باقي غلط الزام لڳايا نه وڃن، ڊي آءِ جي سکر اسد شاهه جي آزادي لاءِ بليڪ ميلرن ذريعي 3 ڪروڙ گهريا آھن، مون کيس چيو ته   فاطمه ڪيس  ۾ اسد شاهه بيگناهه آهي، انصاف ڪيو وڃي.