راڻيپور: راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ روپوش حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه جي گرفتاريءَ لاءِ خيرپور پوليس ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪئي
خيرپور پوليس جي ٽيم ڊفينس جي خيابان شمشير ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي، پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپو فياض شاهه جي ڀاءُ نياز شاهه جي گهر تي هنيو ويو
پوليس موجب قتل ڪيس ۾ روپوش حنا شاهه ۽ فياض شاهه جا فون نمبر لاڳيتو بند ملي رهيا آهن، ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار اسد شاهه، سندس ڊرائيور اعجاز ۽ ڊسپينسر امتياز ميراثي گرفتار ٿيل آهن
هي به پڙهندا
فاطمه معاملي تي ڪو به دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين، جان محمد مهر جي قاتلن جي خبر آهي:حارث نواز