راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي امڙ کي مبينا طور ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايڇ او معطل ٿي ويو آهي
ايس ايس پي نوشهرو فيروز عابد بلوچ فاطمه جي امڙ جو سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان وائرل ٿيڻ بعد ايس ايڇ او خان واهڻ غني دايو کي معطل ڪري ڇڏيو، انڪوائري جو به حڪم جاري ڪيو ويو آهي
مقتول فاطمه جي امڙ شبنم ڦرڙو جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او غني دايو قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ايس ايڇ او منهنجي ڌيءَ جي خون تي چٿر ڪندي چيو ته مارجي ويل فاطمه توهان لاءِ سوني ڪڪڙ بڻجي وئي آهي
خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار فياض شاهه کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
پوليس جو چوڻ آهي ته فياض شاهه کي فاطمه قتل ڪيس ۾ نه پر ڪٺ ڪوٺائي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي
گذريل ڏينهن فياض شاهه گرفتاري کان اڳ دستگير هائوس تي پريس ڪانفرنس دوران قرآن تي هٿ رکي چيو هو ته فاطمه جي قتل سان منهنجو، منهنجي ڌيءَ حنا شاهه ۽ ناٺي اسد شاهه جو ڪو به تعلق نه آهي
هن کي به پڙهندا