اسلام آباد (شوبز نيوز) قائدِ اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ ۽ تحريڪِ پاڪستان جي اڳواڻ مادرِ ملت محترمه فاطمه جناح جي حياتيءَ تي ٺهندڙ ويب سيريز جي شوٽنگ مڪمل ٿي آهي، جيڪا تمام جلد رليز ڪئي ويندي. ويب سيريز جي هدايتڪار دانيال افضل موجب، تاريخي سيريز جي شوٽنگ 2022ع کان جاري هئي، جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته رليز جي حتمي تاريخ اڃا طئي نه ٿي آهي. هن ٻڌايو ته سيريز جي رليز لاءِ ٽن تاريخن تي غور ٿي رهيو آهي، جن ۾ 31 جولاءِ (فاطمه جناح جي سالگرهه)، 9 جولاءِ (سندس ورسي)، ۽ 25 ڊسمبر (قائدِ اعظم جي سالگرهه) شامل آهن. ويب سيريز کي ٽن سيزنن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن جو پهريون سيزن 10 قسطن تي ٻڌل هوندو. پهرئين سيزن جي شروعات 1910ع جي واقعن کان ٿيندي، جنهن ۾ نوجوان فاطمه جناح جو ڪردار سندس فرحان ادا ڪندي، جڏهن ته آخري سيزن ۾ بزرگ فاطمه جناح جي ڪردار ۾ سميعه ممتاز نظر ايندي.