ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم)  معصوم فاطمه ڦرڙو جا ڊي اين اي سيمپل واپس ڪريو، خيرپورجي ايس ايس پي لمس انتظاميا کان سيمپل واپس گھري ورتا۔  ايس ايس پي روحل کوسو پاران لمس جي فارنزڪ ليباريٽري جي انچارج کي خط لکي چيو آهي ته اوھان کي ھلندڙ سال  ڪرائيم نمبر  126 جي حوالي سان جوڙيل ميڊيڪل بورڊ جي چيئرمين ۽ پي ايم سي اسپتال نوابشاھ جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ  پاران  21 آگسٽ تي مقتول فاطمه جي جيڪي سيمپل ڊي اين اي لاءِ اماڻيا ھئا، اھي اسانکي واپس ڪريو ته جيئن اسان ڪراچي جي ليباريٽري  اماڻيون ـ خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته  آئي سي سي ڊي ايس ليباريٽري لمس کان وڌيڪ جديد آھي، اسان اتان ٽيسٽ ڪرائڻ چاھيون  ٿا، ھوڏانھن  ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ميڊيڪل بورڊ پاران  معصوم فاطمه جا ڊي اين اي لاءِ ورتل سيمپل اصل ۾ ڪراچي ليبارٽري  ڏانھن اماڻڻا ھئا پر پوليس پاران اهي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڏانهن اماڻيا ويا، اهڙو پتو پوڻ تي ميڊيڪل بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر عقيل قريشي پاران ايس ايس پي خيرپور کي خط لکي جزا ڪراچي جي ليباريٽري  بدران لمس ڏانهن اماڻڻ تي پنهنجن تحفظاتن جو اظھار ڪيو ويو،  جنهن بعد ايس ايس پي روحل کوسو پاران ليٽر لکي لمس کان جزا واپس گھرايا ويا آھن