ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر بدر جميل مينڌرو رٽائرڊ ٿي ويو، جڏهن ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل نجب الدين سهتو کي بدلي ڪري کيس جهنگلي جيوت ۽ ٻيلو کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، هوڏانهن پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي سعيد صالح جماڻي ڊي جي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پرائيوٽائيزيشن ڪميشن جي سيڪريٽري شجاعت حسين کي واسا حيدرآباد جو ايم ڊي مقرر ڪيو ويو آهي. جتان ايگزيڪيوٽو انجنيئر ذيشان ملڪ کان اضافي چارج واپس ورتي وئي.