ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار جو ڳاڻيٽو سياست جي وڏن مدارين ۾ ٿيندو آهي، فاروق ستار جا الزام حقيقت کان وڌيڪ سياسي شعبدي بازي آهن هڪ بيان ۾ ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو ته سنڌ سرڪار کي غير ضروري تنقيد جو نشانو بڻائڻ کان اڳ فاروق ستار کي حقيقتن ۽ انگن اکرن جو اڀياس ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ سرڪار گذريل پنجن سالن ۾ ڪي ايم سي سميت مڪاني ادارن جي  ملازمن کي 160 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رھتن ۽ پينشن جي مد ۾ ادا ڪئي آهي، هن چيو ته ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ واٽر بورڊ خودمختار ادارا آهن، جيڪي پنهنجن مالي ذميوارين جا پاڻ ذميوار آهن، سنڌ سرڪار انهي هوندي رڳو ڪراچي جي مڪاني ادارن کي گذريل سال 20 ارب رپين واڌو گرانٽ پڻ ڏني آهي ،هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني ادارن جي مسئلن جو اصل ڪارڻ ايم ڪيو ايم جي ناقص حڪمراني ۽ ڪرپشن آھي، هن چيو ته فاروق ستار وٽ جعلي ڊوميسائيلن تي ڀرتين جا ثبو ت آھن تھ سامھون آڻي، هن چيو ته جيڪڏھن فاروق ستار سمجھي ٿو ته پينشن جا 25 ارب رُپيا غائب ٿيا آھن ته ھُو ثبوت ڏئي، حڪومت آزاد ۽ شفاف آڊٽ لاءِ تيار آھي. هن چيو ته فاروق ستار جيڪڏهن سمجهي ٿو ته پاپولر آهي ته سيٽ تا استعيفا ڏئي ٻيهر چونڊ وڙهي.