ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم سنڌ فارنزڪ ڊي اين اي اينڊ سيرولوجي ليبارٽري ۽ ڊاڪٽر پنجواڻي سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن اينڊ ڊرگ ريسرچ جو دورو ڪيو. سنڌ فارنزڪ ليبارٽري ۾ ڳالهائيندي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته درست ۽ وقت سر تجزياتي نتيجا ۽ ثبوت تي مبني نظام انصاف جي فراهمي ۾ معاونت ڪندو آهي، فارنزڪ جاچ ۾ شاهدين کي موثر طريقي سان گڏ ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته اهو ڪيس کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي