ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ھڪ وڏو سوال آھي، ھڪ پارٽي اداري جي 10 ارب رپين جي ٻولي لڳائي آھي، جڏهن ته پي آءِ اي جا اثاثا 152 ارب رپيا آھن، پي آءِ اي کي ايترو ته تباھه ڪيو ويو آهي جو ڪير انهي کي وٺڻ لاءِ به تيار ناھي، هن  چيو ته ڪراچي ۾ بنو قابل ٽيسٽ ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن حصو ورتو، ھن چيو ته فارم 47 وارن کان 26 ھين ترميم پاس ڪرائي وئي، جيڪي ماڻهو ڪراچي مان کٽيل ڏيکاريا ويا آھن، انھن جو ڪو به اسٽيڪ ناھي۔  نواز شريف کي لاھور ۾ 70 ھزار ووٽ وجھي کٽرايو ويو، ھاڻي انھن حڪمرانن آئين جي بنيادي ڍانچي سان ڇيڙڇاڙ ڪئي آھي، رات جي اونداھي ۾ ترميمون ناھن ٿينديون.