اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ هم خيال اڳواڻن عوام پاڪستان پارٽي نالي نئين سياسي جماعت قائم ڪري ورتي، نئين پارٽيءَ جو بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي شاهد خاقان چيو ته سڄو ملڪ تڪليف ۾ آهي پر حڪمرانن کي ڪا به پرواهه نه آهي، جيڪو ملڪ کير تي به ٽيڪس لڳائي اهو ايندڙ سال ڇا ڪندو؟ هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ عوام سخت پريشان آهي، اسان ملڪ ۽ عوام کي بحرانن مان ڪڍڻ چاهيون ٿا، شاهد خاقان چيو ته فارم 47 وارا ملڪ ٺاهي نٿا سگهن، جن پارٽين کي اسٽبلشمينٽ ٺاهيو اهي سوچن ٿا ته ان کانسواءِ سياسي پارٽيون ناڪام آهن، اشرافيه جي حڪومت هڪ سيڪڙو حڪومت آهي جيڪا نظام جي تبديلي نٿي چاهي، هن چيو ته اسان اڃا ڪنهن پارٽي کي شموليت جي دعوت ناهي ڏني، اليڪٽيبل سياست جو حصو آهن پر هر اليڪٽيبل قابل قبول ناهي، جنهن جي ساک سٺي ناهي اهو اسان جي پارٽي جو حصو نه بڻجندو، آئين ٽوڙيندا رهو ته ملڪ نٿو هلي سگهي، اسان ڪنهن به غيرجمهوري عمل جو حصو نه ٿينداسين. مفتاح اسماعيل چيو ته ڇا هي ملڪ ايسٽ انڊيا ڪمپني هلائي رهي آهي، وچولي طبقي کي ماريو پيو وڃي، پاڪستان جو نظام رڳو مٿئين طبقي جي لاءِ آهي، ظالماڻو نظام شڪاري بڻجي چڪو آهي ۽ ان جو شڪار هڪ عام پاڪستاني آهي، هي پاڪستان هاڻي اسان کي منظور نه آهي، تقريب کي مهتاب عباسي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڪي پي ڪي جو اڳوڻو گورنر سردار مهتاب عباسي، صحت بابت اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر ظفر مرزا، پنجاب جو اڳوڻو صوبائي وزير زعيم قادري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، نئين پارٽي جو نعرو “تبديل ڪنداسين نظام” ڏنو ويو آهي، پارٽي جي جهنڊي جو رنگ سائو ۽ بلو رکيو ويو جنهن ۾ پارٽي جو نالو اڇي رنگ سان لکيو ويو آهي. ان حوالي سان آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ميمبر فاطمه عاطف ٻڌايو ته پارٽي جون انٽرا پارٽي چونڊون 19 جون تي ٿيون، شاهد خاقان عباسي کي پارٽي جو ڪنوينر جڏهن ته مفتاح اسماعيل کي سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.